حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ وڪيل, ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري روڊن تي اچي ويا. عدالتن جي عمارتن ڏانهن ويندڙ مک گيٽ بند ڪري پوليس اهلڪارن جي عدالتن ۾ داخلا به بند ڪئي وئي. پهريون ڀيرو حيدرآباد ۾ پوليس اهلڪار عدالتن جي عمارتن ۾ داخل نه ٿي سگهيا. وڪيلن جي احتجاج سبب ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي. ڪجهه ڏينهن جي وقفي کانپوءِ ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جي ٻيهر واپسي تي وڪيل وري سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. ايس ايس پي حيدرآباد جو ٻيهر اچي چارج وٺڻ وقت وڏو استقبال ٿيو هو. ڪالهه ايس ايس پي حيدرآباد کي هٽائن لاءِ حيدرآباد جي وڪيلن عدالتن جا در بند ڪري ڇڏيا، پوليس جي داخلا تي بندش هڻي ڇڏي، وڪيل گيٽ تي بيهي هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو جي شناخت ڪرڻ کانپوءِ کين اندر ڇڏڻ لڳا. وڪيلن عدالتي ڪاروايون معطل ڪري ڇڏيون. ايس ايس پي حيدرآباد ۽ وڪيلن وارو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري ويو. حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي ايس ايس پي کي هٽائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، سيشن ۽ سول ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ بار جي احتجاج واري سڏ جي هاءِ ڪورٽ بار به حمايت ڪئي آهي. وڪيل سيشن ڪورٽ جي مک دروزاري آڏو بيهي رهيا ۽ پوليس اهلڪارن کي داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. سينيئر وڪيلن اياز تنيو، اشعر کوکر, ڪي بي لغاري، ايڊوڪيٽ شاڪر نواز شر، نويد جروار ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار وڪيلن سان غلط بياني ڪئي آهي، پهرين ڏينهن کان ايس ايس پي حيدرآباد وڪيلن کي چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڊي آءِ جي موقف ڏنو هو ته ايس ايس پي فرخ لنجار هاڻي هتي نه رهندو. هنن چيو ته وڪيلن کان ڌرڻو ڊرامائي انداز ۾ ختم ڪرائي چيو ويو ته ايس ايس پي حيدرآباد کي هٽايو ويو آهي. پر هو هڪ دفعو ٻيهر اچي سيٽ تي ويٺو آهي جيڪڏهن ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار کي نه هٽايو ويو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڪيلن برادري احتجاج ڪندي، ڪنهن به صورت ۾ موجوده ايس ايس پي کي برداشت نه ڪنداسين.