اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ بار جي صدر ميان رئوف عطا جي سربراهي ۾ هڪ وفد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عدالتي سڌارن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف جسٽس سان اها ملاقات چيف جسٽس ۽ وزيراعظم ملاقات جي حوالي سان ٿي، چيف جسٽس انصاف جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قومي جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جي حوالي سان سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقات ڪري رهيو آهي، چيف جسٽس اڄ اپوزيشن جي 7 رڪني وفد سان ملاقات ڪندو، رئوف عطا چيو ته سپريم ڪورٽ بار سڌارن جي لاءِ چيف جسٽس کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو آهي، چيف جسٽس وزيراعظم وانگر اپوزيشن کان به انصاف جي فراهمي بابت تجويزون طلب ڪيون آهن.