لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي جسقم چيئرمين صعنان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ جون حالتون هٿ وٺي انتهائي خراب ڪيون ويون آهن، بدامني تمام گهڻي وڌي وئي آهي، هندو نوجوانن کي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو تازو مثال اهو آهي جو لاڙڪاڻي ۾ ٻن سنڌي هندو نوجوانن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو، جن مان هڪ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي ۽ ٻيو سخت زخمي پيل آهي، جڏهن ته نئون ديرو شهر ۾ به سنڌي هندو نوجوان جو سرعام قتل ڪيو ويو آهي، پر افسوس جو پوليس هن وقت تائين سندن قاتل کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. هن چيو ته 23 فيبروري جي ڏينهن ضلعي ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ضلعي جي ڊيرا موڙ وٽ ڌرڻي جو سڏ ڏنو آهي، جنهن ۾ سموري سنڌي قوم کي شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا،هن چيو ته پيپلز پارٽي جو پنجاب ۾ هڪڙو ته سنڌ ۾ ٻيو موقف هوندو آهي، وڌيڪ سنڌ کي لٽجڻ نه ڏنو ويندو. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ مومن سمون، ديدار شام، اطهر سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.