حيدرآباد(رپورٽر) نامياري مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ رمانڊ تي پوليس حوالي ٿيل سندس هنج ورتل پٽ جوابدار وشال عرف شاھه لطيف کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب سول اسپتال آندو ويو. پوليس شام جو جوابدار وشال لطيف کي سول اسپتال جي ميڊيڪل ٿري وارڊ ۾ داخل ڪرايو. وارڊ ۾ سندس مختلف رت جون ٽيسٽون به ڪرايون ويون. 2 کان 3 ڪلاڪ وارڊ ۾ داخل رهڻ بعد کيس ٻيهر ٿاڻي تي آندو ويو. ان سلسلي ۾ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او اصغر تنيو جو چوڻ هو ته جوبدار جي طبيعت مڪمل ٺيڪ هئي. پر هن جي پيرن ۾ آيل زخمن جي پٽي ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال آندو هو. پٽي ڪرائڻ کانپوءِ کيس واپس ٿاڻي آندو ويو آهي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار جون قتل ڪيس ۾ جاچ جي لاءِ گهربل ڪجهه ٻيون ٽيسٽون به ڪرايون ويون آهن. جيڪي ڪيس رڪارڊ ۾ رکيو وينديون. قتل ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ بابت وارثن پاران قانون واري وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي خط لکيو ويو هو, پر ان خط تي اڃا تائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي.