مصطفيٰ کي ساڙڻ کان اڳ چيم ته ”هاڻي ڀڄ، جي ڀڄِي سگهين“: ارمغان جو اعتراف

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي نوجوان مصطفيٰ جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ جاچ دوران جوابدار ارمغان قريشي کان ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن، پوليس موجب جوابدار اعتراف ڪيو ته هن مصطفيٰ کي لوهي راڊ سان 2 ڪلاڪن تائين وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن سبب مصطفيٰ جي مٿي ۽ گوڏن مان رت وهڻ شروع ٿي ويو هو، جوابدار انڪشاف ڪيو ته 6 فيبروري تي شيراز کي پنهنجي بنگلي تي گهرايو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ مصطفيٰ کي به اتي گهرايو ۽ کيس تشدد جو نشانو بڻايو، جوابدار ارمغان چيو ته تشدد وقت هو نشي جي حالت ۾ هو، شيراز مصطفيٰ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو سخت زخمي ٿي پيو، جوابدار جو چوڻ هو ته مصطفيٰ کي تشدد بعد شيراز جي مدد سان حب وٺي ويو. حب ۾ ڪار ڊگي کولي ته مصطفيٰ زنده هو، جوابدار موجب ڪار جي ڊگي ۽ شيشا کولڻ بعد مصطفيٰ تي پيٽرول هاري چيو ته جيڪڏهن همت آهي ته ڀڄي ڏيکار، جنهن تي مصطفيٰ چرپر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر گوڏن تي زخمن سبب هلي نه سگهيو، جوابدار ارمغان انڪشاف ڪيو ته شريڪ جوابدار شيراز چيو ته رت ۾ لت پت ٿيل مصطفيٰ کي ٺڪاڻي لڳائڻو پوندا، جنهن بعد مون گوگل تي شڪار واري جاءِ کي سرچ ڪيو، گوگل سرچ تي دريجي جو نالو ٽاپ تي آيو، جنهن کانپوءِ ڪار ۾ نيويگيشن آن ڪري اوڏانهن نڪري وياسين.

مصطفيٰ کي ساڙڻ بعد حب کان پنڌ نڪتاسين: ارمغان

ڪراچي: جوابدار ارمغان وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته باهه لڳڻ کانپوءِ فوري طور تي شيراز مون کي اتان نڪرڻ جو چيو جنهن بعد هو ۽ شيراز حب کان پنڌ نڪتا ۽ مختلف گاڏين کان لفٽ وٺندا ڪراچي پهتا، جوابدار ارمغان انڪشاف ڪيو ته شريڪ جوابدار شيراز چيو ته رت ۾ لت پت ٿيل مصطفيٰ کي ٺڪاڻي لڳائڻو پوندا، جنهن بعد مون گوگل تي شڪار واري جاءِ کي سرچ ڪيو، گوگل سرچ تي دريجي جو نالو ٽاپ تي آيو، جنهن کانپوءِ ڪار ۾ نيويگيشن آن ڪري اوڏانهن نڪري وياسين.

سڙيل گاڏي ڪراچي آڻڻ ۽ گهر جا 2 لاڪر  کولڻ جو فيصلو

ڪراچي: ڊفينس مان اغوا بعد قتل ڪيل نوجوان مصطفيٰ عامر ڪيس جي سنڌ پوليس سان گڏ بلوچستان پوليس به جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي، جاچ اختيارين گهرو کاتي ذريعي گاڏي ڪراچي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سڙيل گاڏي ڪيس جي ملڪيت جو اهم حصو آهي، گاڏي جي  فرانزڪ رپورٽ جوابدارن کي سزا ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، پوليس موجب جنهن رستي تي سڙيل گاڏي هٿ آئي، اهو رستو اسمگلر به استعمال ڪندا آهن، شڪ آهي ته ارمغان انهن سمورن رستن کان چڱي ريت واقف هو، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ارمغان قريشي جي گهر مان هٿ آيل 2 لاڪر کولڻ لاءِ مئجسٽريٽ کي خط لکي ڇڏيو آهي، عدالتي حڪمن ۽ عدالتي ايس او پي جي روشني ۾ اهي لاڪر کوليا ويندا، ڊي پي او حب سيد فاضل شاهه بخاري ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي وندر کي سونپي وئي آهي، جاچ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته واقعي ۾ استعمال ٿيل گاڏي رجسٽرڊ نه هئي، ڊي پي او جو چوڻ هو ته جاچ ڪئي پئي وڃي ته جوابدار ڪهڙي روٽ تان دريجي ويا ۽ ڪهڙي وقت  گاڏي کي باهه ڏني، پوليس غفلت جي به جاچ جاري آهي.

مصطفيٰ تي تشدد ۾ استعمال ٿيل لوهي راڊ سندس گارڊ روم مان هٿ

ڪراچي: جاچ اختيارين موجب پوليس جوابدار ارمغان جي نشاندهي تي خيابان مومن ۾ سندس بنگلي تي ڪارروائي ڪئي وئي، جتان بنگلي جي گارڊ روم ۾ لڪايل لوهي راڊ هٿ ڪئي وئي آهي.

97 هزار 440 مصطفيٰ جي قبر جو نمبر  آهي: ايڌي رضاڪار

ڪراچي: مواڇ ڳوٺ قبرستان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڌي رضاڪار چيو ته 12 فيبروري تي مسخ ٿيل لاش مليو، 16 فيبروري تي لاش کي لاوارث قرار ڏئي دفن ڪيو ويو، قبر جو نمبر 97 هزار 440 آهي، ٻي پاسي قبر ڪشائي لاءِ جوڙيل ٽي رڪني ميڊيڪل بورڊ ۾ ڊاڪٽر سميعه سيد، ڊاڪٽر سريچند ۽ ڊاڪٽر ڪامران خان شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.