ڌرتي ماءُ ۽ درياهه لاءِ وڙهندس،شهيد ڀٽو جي سياست جا اصل وارث اسان آهيون:ذوالفقار جونيئر

سکر(رپورٽ:آزاد مهر+ رستم انڍڙ) شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آھي ته سنڌو درياهه مٿان تڪراري ڪنھن به قسم جو ڪئنال قبول ناھي، جيڪڏھن سرڪار انھن  ڪئنالن جي اڏاوت  تي بضد رھي ته اسلام آباد پارليامينٽ هائوس آڏو احتجاج ڪري پارليامينٽ ميمبرن جو گھيراءُ ڪيو ويندو اهڙو اعلان هن سکر ۾ سنڌو درياهه تي سکر باءِ پاس پل وٽ احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻھن جو ساھ آھي، زندگي جو جياپو آھي، ان مٿان سنڌي ماڻھن جي مرضيءَ خلاف بند ٻڌڻ يا ان مان ڪئنال ڪڍڻ جو ڪنھن کي به حق ناھي،سنڌ جا ماڻھو انھيءَ درياهه جا اصلوڪا مالڪ آھن،ھن چيو ته ڌرتي ماءُ ۽ درياهه لاءِ وڙهندس،حڪمران سنڌين،پنجابين،سرائيڪين، بلوچن ۽ پختونن کي ويڙهائڻ چاهين ٿا،ياد رکو اسان  وٽ سنڌ ۾ پاڻي ناهي،توهان پنجاب ۾ ڪئنال اڏڻ چاهيو ٿا،هاري پريشان آهن،هن چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمران اقتدار جا حقدار ناهن،هتي ويٺل عوام اصل حقدار آهي،اسان انهن کي نيڪالي ڏئي توهان کي اقتدار ۾ ويهارينداسين،هن چيو ته اسان جي ڌرڻي ۾ پنجابي، بلوچ، سرائيڪي، پختون، مزدور، هاري، مهاڻا سڀ موجود آهن،هن چيو ته هتي ماڻهو مري رهيا آهن توهان سرائيڪي وسيب جون زمينون ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل سرمائيدارن کي ڏئي رهيا آهيو،سرڪار چاهي ٿي ته غريب عوام غائب ٿي وڃي،ڪئنال اسان جي زندگي ۽ موت جو سوال آهي،اهي ٺهڻ نه ڏينداسين،جيڪڏهن اهي 6 ڪئنال ٺهيا ته پوءِ اسان جا لاش توهان جي ڊي ايڇ اي،بحريا ٽائون،اسلام آباد،لنڊن۽ دبئي ۾ موجود محلن آڏو پهچايا ويندا،مان ڪڏهن به خاموش نه ٿيندس،مان عوام لاءِ وڙهندس،موجوده سرڪار سنڌ جي وسيلن پاڻي ۽ ٻي معدنيات تي قبضا ڪرڻ بند ڪري نه ته عوام جو سمنڊ کين ٻوڙي ڇڏيندو، اسان شھيد ڀٽو جي سياست جا اصل وارث آھيون، شھيد جي مشن کي ضرور پورو ڪبو،ھن چيو ته اسان مخالفن کان خوف زدھ ناھيون،پنھنجي عوام سان ھر ڏکي سکي ۾ گڏ رھنداسين،سنڌو دريا قديم ۽ عظيم تھذيب جو اھڃاڻ آھي، انھيءَ سنڌو دريا جي پاڻي  تي ڌاڙا لڳائيندڙن جو وقت پورو ٿي چڪو آھي، عوام انھن جي مال ٺاھڻ جي پاليسين کان چڱي ريت واقف آھي سنڌ جي رھواسين اڄ ھتي اچي ثابت ڪري ڇڏيو آھي اھي سردارن مان بيزار آھن ۽ اھي شھيد ڀٽو جي ڪٽنب سان پيار ڪن ٿا، مان سندن جذبن ۽ احساسن جو قدر ڪيان ٿو ۽ کين مڪمل يقين ڏياريان ٿو ته شھيد ڀٽو جي پورھيت دوست پاليسين لاءِ جدوجھد تيز تر ڪبي،عوام جي سھڪار سان غدار ۽ مڪار سياست دانن کان نجات ڏياري ويندي،هن چيو ته اسان هي مقدس جاگرافي ٽڪڙن ۾ ورهائڻ نه ڏينداسين، ان موقعي تي هزارين ماڻهن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري باءِ پاس پل بند ڪري ڌرڻو ڏنو ۽ ڪئنالن خلاف زوردار نعري بازي ڪئي جنھن جي جواب ۾ ذوالفقار ڀٽو جونيئر پڻ زوردار نعرا لڳايا،هن نعرا هڻايا ته جيئي عوام،جيئي سنڌ،جيئي پاڪستان، ان موقعي تي سنڌ سرڪار خلاف ڀرپور ريت نعرا پڻ لڳايا ويا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.