واھي پانڌي(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ستون واھي پانڌي يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ڪنھن وڏي تباهي ۽ بربادي ڪئي آهي اھا آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت ڪئي آهي.جيڪو ماڻھو درياھ بچائڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪري ٿو، وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ڳالھه ڪري ٿو سنڌ حڪومت انهن ماڻهن جي رستا روڪ ڪري ان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا اسان جي ڊي اي جي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي جي گرفتاري ۽ پير سائين پاڳاري جي فرزند مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا،هن چيو ته سنڌ واڳن جي گھيري ۾ آھي سنڌ جا نوجوان پنهنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن. سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي،هن چيو ته سنڌ ۾ منشيات پيپلز پارٽي جو ڏنل تحفو آهي،جنھن سان نوجوانن کي تباھ ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت سنڌ کي غلام بنائڻ لاءِ جھالت، غربت ۽ منشيات مسلط ڪري ڇڏي آھي،هن چيو ته پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سنڌ جي ماڻھن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي، نوڪرين، روزگار ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. سنڌ جو مستقبل نوجوانن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ھٿ ۾ آھي