اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 5 جج سينارٽي معاملي تي سپريم ڪورٽ پهچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 5 جج سينارٽي معاملي تي سپريم ڪورٽ پهچي ويا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن منير اي ملڪ ۽ بيرسٽر صلاح الدين ذريعي 49 صفحن تي ٻڌل درخواست آئين جي آرٽيڪل 184 جي شق 3 تحت داخل ڪئي آهي.
درخواست ڏيندڙن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس ثمن رفعت امتياز ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق شامل آهن.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته قرار ڏنو وڃي صدر کي آرٽيڪل 200 جي شق هڪ تحت ججن جي بدلي جو لامحدود اختيار ناهي، عوامي فائدي بنا ججن کي هڪ هاءِ ڪورٽ مان ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي نٿو ڪري سگهجي، جسٽس سرفراز ڊوگر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس طور ڪم کان روڪيو وڃي.
ججن اپيل ڪئي آهي ته جسٽس خالد سومرو ۽ جسٽس محمد آصف کي به جڊيشل ورڪ کان روڪيو وڃي.
هاءِ ڪورٽ جي ججن درخواست ۾ صدر، وفاق ۽ جڊيشل ڪميشن سميت سپريم ڪورٽ رجسٽرار، سنڌ، بلوچستان ۽ لاهور هاءِ ڪورٽس جي رجسٽرار کي به ڌر بڻايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.