ايگزيڪيوٽو جي ماتحت فورسز عدالتي اختيار جو استعمال ڪري سگهن ٿيون يا نه؟ آئيني بينچ جو جج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي ملٽري ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا آئين تحت آرمڊ فورسز ايگزيڪيوٽو جي ماتحت آهن، ڇا ايگزيڪيوٽو جي ماتحت فورسز عدالتي اختيار استعمال ڪري سگھن ٿيون يا نه؟
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ وڪيل عزيز ڀنڊاري دليل ڏنا.
عزيز ڀنڊاري چيو ته سلمان اڪرم راجا جيڪو مثال ڏنو هو، اها صرف سويلينز تي ئي ايندو، جسٽس مندوخيل چيو ته 83 اي تحت آرمڊ فورسز جو اسٽيٽس ڏسڻ ضروري آهي، آرمي ايڪٽ ۾ ٽو ون ڊي جي پرويزن کانسواءِ ڪجهه ناهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آرٽيڪل 243 موجب اهو اڳ کان لاڳو ٿيندو آهي، جنهن تي عزيز ڀنڊاري چيو ته ان تي توهان جا فيصلا موجود آهن، جوابدار جي اعتراف لاءِ سبجيڪٽ جو هجڻ ضروري آهي، ڪورٽ مارشل کانسواءِ ڪو پرويزن ناهي، جيڪو ان ۾ لڳي.
وڪيل عزيز ڀنڊاري چيو ته شق سي وارا ڪڏهن به ڪورٽ مارشل نٿا ڪري سگهن، ڪورٽ مارشل سدائين آفيسر ڪندا آهن، جنهن تي جسٽس امين الدين چيو ته ڏوهه جي نوعيت آرمڊ فورسز جا ميمبر ٻڌائيندا.
جسٽس جمال سوال ڪيو ته آرمي ايڪٽ جي سيڪشن ڊي کي ڪڍڻ باوجود ڇا ملٽري جسٽس سسٽم هلندو رهندو؟ جنهن تي عزيز ڀنڊاري چيو ته ٽرين هلندي، سوال اهو آهي ته ڪنهن کي ويهاري سگهجي ٿو ۽ ڪنهن کي نه، جسٽس منيب چيو ته فيصلي سان به ڪورٽ مارشل جاري رهڻ جو تاثر آهي، جيتوڻيڪ مارشل لا ۾ به پارليامينٽ ذريعي بهتري جا آپشنز موجود آهن، فوجي عدالتون آئين جي آرٽيڪل 175 کان ٻاهر آهن، سويلينز جو ٽرائل صرف آئين جي آرٽيڪل 175 تحت ئي ٿي سگهي ٿو، فوج آئين جي آرٽيڪل 245 جي دائري کان ٻاهر نٿي وڃي سگي.
جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته (3)8 جي مقصد لاءِ ٺاهيل عدالتون ٻين جو ٽرائل ڪري سگهن ٿيون؟ آئين تحت آرمڊ فورسز ايگزيڪيوٽو جي ماتحت آهن، ڇا ايگزيڪيوٽو جي ماتحت فورسز عدالتي اختيار استعمال ڪري سگھن ٿيون يا نه؟ ڇا عدالتن کي آزاد هجڻ گهرجي يا نه؟
ان کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.