ڪم واري هنڌ هراسگي عالمي مسئلو آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه هراسگي بابت ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته ورڪ پليس تي هراسگي عالمي مسئلو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ هراسگي ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي ڊرائيور محمد دين جي اپيل رد ڪئي وئي.
ڊاڪٽرياڻي پنهنجي ڊرائيور خلاف هراسگي معاملي تي محتسب پنجاب سان رابطو ڪيو هو، محتسب ڊرائيور کي جبري رٽائرمينٽ جي سزا ڏني هئي.
پنجاب جو گورنر ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ به جبري رٽائرمينٽ خلاف ڊرائيور جي درخواست رد ڪري چڪا آهن.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته لکين ماڻهو ورڪ پليس هراسگي سان متاثر ٿيندا آهن، مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ هراسگي جو شڪار ٿينديون آهن.
هن چيو ته گلوبل جينڊر گيپ انڊيڪس 2024 موجب دنيا جي 146 ملڪن ۾ پاڪستان جو 145هون نمبر آهي، آمريڪي سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي ته يرغمالي ماحول به هراسگي جي تعريف ۾ اچي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.