لاهور (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ئي ميچ ۾ انجري جو شڪار ٿيندڙ جارحاڻو بيٽر فخر زمان ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو، جنهن جي جاءِ تي امام الحق کي پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي فخر زمان جي جاءِ تي امام الحق کي پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم جو ايندڙ مقابلو ڀارت سان آهي، قومي ٽيم اڄ وڏي مقابلي لاءِ دبئي رواني ٿيندي، جتي ٻئي ٽيمون 23 فيبروري تي آمهون سامهون ٿينديون.
پاڪستاني هارڊ هٽر فخر زمان چيمپيئنز ٽرافي مان آئوٽ، امام الحق اسڪواڊ ۾ شامل
You might also like