پاڪ – ڀارت مقابلو: سنڌ حڪومت جو سڄي صوبي ۾ وڏيون اسڪرينون لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ سنڌ حڪومت پاران صوبي جي مختلف شهرن ۾ وڏيون اسڪرينون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ اسڪرينون لڳايون وينديون ۽ گهوٽڪي سميت 30 ضلعن ۾ ميچ کي لائيو ڏيکارڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته اها ميچ ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري تي لائيو ڏيکاري ويندي، جڏهن ته سنڌ يوٿ ڪلب گلستان جوهر ۾ ميچ کي وڏي اسڪرين تي لائيو ڏيکاريو ويندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪ-ڀارت ميچ حيدرآباد نياز اسٽيڊيم، خيرپور ممتاز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ به لائيو ڏيکاريي ويندي.
ترجمان موجب سنڌ جو راندين وارو وزير سردار محمد بخش مهر 23 فيبروري تي گهوٽڪي ۾ پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان گڏ پاڪ-ڀارت ميچ ڏسندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.