پنڌ مارچ تي گهاري ۽ ڌاٻيجي ۾ گُل ورکا، پاڻي تي ڌاڙي جو حساب وٺنداسين: اسلم خيرپوري

گهارو / ڌاٻيجي (نمائندا) جسقم(آريسر) جي چيئرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ٺاهڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سکر کان ڪراچي لاءِ نڪتل پيادل لانگ مارچ ڪالهه 23 ڏينهن گهارو کانپوءِ ڌاٻيجي شهر پھتو، جتي شاندار استقبال ڪيو ويو، گڏ ٿيل عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، نياز پنهور، فتاح چنا، پير گلزار شاھ ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙوھڻي زبردستي 6 ڪئنال ٺاھڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي والار ڪئي پئي وڃي، حڪمرانن جي نااهليءَ سبب سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي ته ٻئي پاسي پنجاب جي بالادستي سبب سنڌ وطن جي تاريخ ۽ شناخت ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جسقم اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز گرين پاڪستان جي پراجيڪٽن جا افتتاح ڪري سنڌ جي تباهيءَ جا پروانا جاري ڪري رهي آھي، ان سموري عمل ۾ پ پ پ انهن سان برابر جي شريڪ آھي، پنجاب ننڍن صوبن جي حقن ۽ وَسيلن تي قابض آھي، پ پ پ پنجاب جي ڪمدار بنجي ٻين قومن جي وسيلن کي ميسارڻ چاھي ٿي، اسان سنڌ جي عشق ۾ وطن جي بقاءُ خاطر جدوجھد ڪريون پيا، سکر کان نڪتل پيادل لانگ مارچ کي سنڌ ۾ تمام گهڻي موٽ ملي رهي آھي، 23 فيبروري تي لکين ماڻھو ڪراچي ۾ پھچي اھو ثابت ڪندا ته وطن خلاف ڪا به سازش قبول نه ڪبي، ڪئنال نامنظور آھن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو حساب ورتو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.