ملڪ رياض خلاف نئون ريفرنس، وطن واپسي واريون ڪوششون بي لاڀ

اسلام آباد(منصورعلي خان)ملڪ رياض جا معاملا طئي نه پيا ٿين ۽ ڏکيائين ۾ اضافو ٿي رهيوآهي تازو نيب پاران ملڪ رياض خلاف گالف سٽي ريفرنس دائر ڪيو ويوآهي.ملڪ رياض مٿان ساڍا چار هزار ڪنال سرڪاري زمين تي قبضي جو الزام آهي.ان زمين کي گالف سٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي ان ڳاله جا ثبوت به پيش ڪيا ويا آحن. ان ايراضي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين، موضع مانگا،موضع سالکيتر ۽ ٻيون ٻهراڙيون شامل آهن.ملڪ رياض ٻيلي کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ان زمين تي قبضو ڪيو آهي.مٿس الزام آهي ته ان زمين کي گالف سٽي پراجيڪٽ ۾ شامل ڪيو ويوآهي.ملڪ رياض سان گڏ ڪرپشن ۽ رشوت خوري جي الزام هيٺ 28 مال کاتي جا عملدار به شامل ڪياويا آهن.ان کان اڳ نيب ڪراچي پاران ملڪ رياض ان جي پٽ علي رياض سميت 33 ڄڻن خلاف ريفرنس دائر ڪيو هيو.نيب پاران ان وقت عوام کي ملڪ رياض جي دبئي پراجيڪٽ م سيڙپڪاري نه ڪرڻ ۽ حڪومت کي ملڪ رياض جي پاڪستان حوالگي لاءِ دبئي سرڪار سان خط و ڪتابت ڪرڻ  جو چيو ويو هيو.پر اهو ايترو سولو به نه هوندو جو توهان خواهش ڪريو ۽ ملڪ رياض واپس اچي وڃي اهو ڊگهو پراسيس آهي ممڪن آهي ان ۾ کين ناڪامي به ملي.يو اي اي م اگر اهو اربين روپيا لڳائي رهيوآهي ته سولو نه هوندو ان کي واپس آڻڻ.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.