ڪراچي / سيوهڻ يف (نمائندا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيوهڻ شريف پهچي جتي حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري، چادر چاڙهي ۽ فاتح خواني ڪئي، ان موقعي تي دعا گهري ته الله تعالى سنڌ ۽ پاڪستان کي هميشه سرسبز، شاداب ۽ آباد رکي، حضرت لعل شهباز قلندر جي 773هين عرس جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوفين ۽ وليَن جي ڌرتي آهي ۽ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه امن ۽ روحاني روشني جو مرڪز آهي، حضرت لعل شهباز قلندر جو پيغام محبت، امن ۽ رواداري تي ٻڌل آهي ۽ سنڌ حڪومت صوفي روايتن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، هن زائرين جي خدمت، سيڪيورٽي ۽ سهولتن جي فراهمي کي پنهنجي پهرين ترجيح قرار ڏنو، وڏي وزير سان گڏ صوباٸي وزير رياض شاهه شيرازي، ذوالفقار علي شاهه، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، سيوهڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو ته سيوهڻ ۾ به عالمي سطح جا ميچ ٿيڻ گهرجن پر اسان وٽ وسيلن جي گھٽتائي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ انٽرنيشنل ميچز لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي ۽ جلد ان کي عالمي معيار مطابق بڻايو ويندو، ڪرپشن ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، حڪومت سخت ڪارروائي ڪري رهي آهي ۽ عوام جي جان جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سيوهڻ-ڄامشورو روڊ جي تعمير ۾ دير بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هيءَ رٿا نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي ماتحت آھي، جنهن کي ورھين کان مڪمل ناھي ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ حڪومت 2017ع ۾ ان لاءِ 7 ارب رپيا جاري ڪري چڪي آهي.