سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي،ڪئنال برداشت نه ڪنداسين: صنعان قريشي

ٺل ( ن ع آ) سنڌو درياهه تي غير قانوني ڪئنال اڏڻ خلاف 23  فيبروري تي ڌرڻي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ جسقم چيئرمين صنعان  خان قريشي ٺل جي عوام وٽ پهتو، جتي ڪارڪنن ۽ شهرين مٿان گل نڇاور ڪري جيئي سنڌ جي نعرن جي گونج ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي، جنهن تي ڪئنال ٺاهڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين، هن چيو ته سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ سنڌي قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو، سنڌو درياهه سڀني جو جياپو آھي، هن چيو ته 23 فيبروري تي ڊيرا موڙ تي تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، ان ۾ عوام کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.