حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ گهر اندر ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيل سنڌ جي نامياري مزاحمتي، انقلابي ۽ رومانوي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وارثن پاران سندس قتل واري واقعي جي جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ واري مطالبي تي اڃا تائين ڪا پيشرفت ناهي ٿي سگهي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل واري ڪيس جي فريادي سندس ماروٽ ابراهيم عرف جان محمد انصاري سنڌ جي قانون واري وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي گذريل ڏينهن هڪ خط لکي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل واري واقعي جي جاچ جي لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم(جي آءِ ٽي) جوڙڻ جي درخواست ڪئي هئي. پر ڪالهه تائين وارثن جي ان مطالبي تي ڪا پيشرفت ٿي سگهي هئي. خط ۾ وارثن ڄاڻايو هو ته ڊاڪٽر الله بخش عرف ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل سنگين قانوني ۽ اخلاقي سوال اٿاريا آهن، جن جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي جاچ ٿيڻ گهرجي. جي آءِ ٽي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي انداز سان جاچ کي يقيني بڻائي ۽ قانون موجب مناسب طريقي سان شاهديون گڏ ڪري. هن خط ۾ وڌيڪ لکيو ته جي آءِ ٽي ايس ايس پي رينڪ جي آفيسر کان گهٽ رينڪ واري آفيسر جي نگراني ۾ نه هجڻ گهرجي، جي آءِ ٽي ۾ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ماڻهو به هجڻ گهرجن. هن لکيو ته جي آءِ ٽي جي لاءِ ضروري آهي ته اها ڪنهن به قسم جي دٻاءُ ۽ اثر هيٺ نه هجي ۽ شفاف جاچ کي يقيني بڻائي. جي آءِ ٽي سموريون شاهديون ۽ ثبوت مناسب طريقي سان جمع ڪري ۽ تجزيي جي لاءِ پيش ڪري.