مرتضيٰ جتوئي جي آزادي لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت، رستن تي نڪرنداسين: جي ڊي اي

ڪراچي( رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) مرتضي خان جتوئي جي آزادي لاء ٽن ڏينھن جو الٽيميٽم ڏيندي انصاف فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي، ۽ چيو آھي ته مرتضي جتوئي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن کيس آزاد نه ڪيو ويو ته جي ڊي اي روڊن تي اچڻ تي مجبور ٿيندي، جي ڊي اي اڳ ۾ سنڌ ۾ بدامني ، لاقانونيت ۽ سنڌو درياء مان نوان چھ ڪينال ڪڍڻ خلاف روڊن رستن تي احتجاج ڪري رھي آھي، جي ڊي اي سنڌ جي ڪنوينر سيد صدرالدين شاھ راشدي فيصلا ڪندڙن کان مطالبو ڪيو آھي ته اپوزيشن کي مسئلن تي ڳالھائڻ جي اجازت ڏني وڃي، اگر مخالف ڌر پنھنجو ڪردار ادا نه ڪندي ته  پوء جھموريت جو صرف نالو رھندو، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اگر مخالف ڌر پنھنجو ڪردار ادا نه  ڪندي ته پوء جھموريت براء نالي رھندي، سنڌ جي خراب صورتحال تي پير صاحب پاڳاري جي صدارت ۾ 25 فيبروري تي جي ڊي اي جو اھم اجلاس سڏايو ويو آھي، جنھن ۾ ايندڙ لاء عمل جوڙيو ويندو، اھڙن خيالن جو اظھار اربع ڏينھن فنڪشنل ليگ ھاؤس ۾ جي ڊي اي جي اڳواڻن سيد صدرالدين شاھ راشدي ،ڊاڪٽر صفدر عباسي ، ڊاڪٽر فھميدا مرزا، لياقت جتوئي، سردار عبدالرحيم ، رياض چانڊيو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس دوران ڪيو، سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ته  مخالف ڌر کي ڳالھائڻ جو ته حق ڏنو وڃي، عوام کي رليف ڏيارڻ لاء اپوزيشن کي احتجاج جو حق ھجڻ گھرجي، جي ڊي اي سنڌ ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رھي آھي، سنڌ ۾ نوڪريون وڪرو ٿي رھيون آھن، ٿاڻا وڪرو ٿين پيا، امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي، جي ڊي اي پنھنجو ڪردار ادا ڪندي رھندي، ھن چيو ته سنڌ ۾ جي ڊي اي وڌيڪ مضبوط ٿي رھي آھي ۽ عوام جو اعتماد جي ڊي اي تي وڌندو پيو وڃي، مرتضي خان جتوئي تي داخل ڪوڙن ڪيسن جي مذمت ڪيون ٿا. 25 فيبروري تي پير صاحب پاڳاري جي صدارت ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو آھي جنھن ۾ اھم فيصلا ڪنداسين، ھن چيو ته پيڪا قانون فارم 47 وارن پاس ڪيو ڇا ان کي ميڊيا وارا قبول ڪيو ٿا، اسان قانون تي يقين رکون ٿا قانوني طور تي رليف وٺنداسين، ڪنھن جي نيتن تي ڀروسو ناھي، سنڌ جي پاڻي، سنڌ جي زمينن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن، فارم 47 وارن مان اھا ئي اميد آھي، قانون کان وڌيڪ بھتر ڪجھ ناھي اسان قانوني دروازا وڄائيندا رھنداسين، سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ته  اگر عوام اسان سان گڏ نه آھن ته پوء احتجاج اسان ڪئين ٿا ڪيون، ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سيد صدرالدين شاھ سڀني لاء پيغام ڏنو آھي ته  قانون وسيلي انصاف چاھيون ٿا، ٽن ڏينھن تائين مرتضي خان جتوئي کي قانوني انصاف نه مليو ته پوء جي ڊي اي روڊن تي ھوندي، سنڌ جي عوام جون نظرون جي ڊي اي طرف آھن، پيپلز پارٽي فسطائيت جو شڪار ٿي وئي آھي، غلام مرتضي خان  جتوئي ۽ سندس خاندان جون ملڪ لاء قربانيون آھن، ان خلاف داخل ڪوڙن ڪيسن جي مذمت ڪيون ٿا، چونڊن دوران جعلي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي ،ھائي ڪورٽ جو واضع حڪم آھي ته  مرتضي خان جتوئي خلاف وڌيڪ ڪو به ڪيس داخل نه  ڪيو وڃي، محبت ديرو ٿاڻي تي داخل ٻئي ڪيس لاء آئيني ڪورٽ کان اجازت ورتي وئي، اسان آئيني عدالتن خلاف  اڳ ۾ خدشا ظاهر ڪري چڪا آھيون، ھن چيو ته ھڪ وفاقي وزير ۽ سينئير سياستدان کي هٿڪڙيون ھڻي عدالت م پيش ڪيو ويو . عدالت مان انصاف جي اميد آھي. هنن چيو ته آفاق احمد جي گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا، اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فھميدا مرزا چيو ته ھي سياسي ڪيس آھي، چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪيون ويون، اھڙين اسيمبلين مان اھڙيون قانون سازيون ٿينديون، پيڪا قانون، 26 آئيني ترميم پيش ڪري عدليه کي يرغمال بڻايو ويو آهي. اسان مرتضي خان جتوئي سان ھر حال ۾ گڏ آھيون، لاڙڪاڻي ۾ ٻن ھندن کي قتل ڪيو ويو, ھندو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور آھن. . اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي چيو ته م سياسي دھشتگردي ماضي ۾ ڪڏھن ناھي ڏٺي جيڪي ڪجھ بچيا آھن انھن کي به  ھٿڪڙيون ھنيون ويون آھن ،ان جي گھر ڀاٿين کي ملاقات ڪرڻ نٿي ڏني وڃي، مذمت ڪيون ٿا زرداري ۽ سندس حوارين کي صلاح ڏيان ٿو ته سڀني کي سنڌ ۾ رھڻو آھي، اھو ڪجھ ڪيو جيڪو سڀاڻي برداشت ڪري سگھو، اگر ڪينال ٺاھيا ويا ته  ڪراچي کي پاڻي به  نه  ملندو، پنجاب ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته سنڌو درياء جو نالو تبديل ڪري پنجاب ڌرياء رکيو وڃي، سنڌ ۾  اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته  سمنڊ ٺٽي ۽ بدين کي ٻوڙي ڇڏيندو، خدارا ملڪ تي رحم ڪيو، عدليہ کي آزاد ڪيو، پريا ڪماري جو اڃان تائين ڪو پٿو نه آھي، مرتضي خان جتوئي جو ڪھڙو ڏوھ آھي ان جو ڏوھ صرف اھيو آھي ته م پيپلز پارٽي ۾ شامل نٿو ٿئي. جيئي سنڌ محاذ جي چئرمين رياض چانڊيو چيو ته  مرتضي خان جتوئي کي گرفتار ڪرڻ جو مقصد سنڌو درياء کي بچائڻ واري تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.