مصطفيٰ ڪيس ۾ جوابدار ارمغان پاران پڇا ڳاڇا دوران اهم انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر)ڪراچي ۾ دوست هٿان قتل ٿيل مصطفيٰ عامر ڪيس جي مرڪزي جوابدار ارمغان کان پڇا ڳاڇا دوران اهم  انڪشاف سامهون آيا،جاچ اختيارين موجب جوابدار ارمغان کي پوليس ۽ اي اين ايف ماضي ۾ گرفتار ڪري چڪي آهي، جوابدار خلاف دهشتگردي، قتل جي ڪوشش ۽ منشيات اسمگلنگ جا 6 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن،اختيارين جو چوڻ آهي ته ارمغان خلاف اي اين ايف، درخشان، ساحل، گزري ۽ بوٽ بيسن ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا، اهي ڪيس 2019 کان 2024 جي وچ ۾ داخل ڪيا ويا،اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهنجي گهر ۾ غيرقانوني سافٽ ويئر هائوس ۽ ڪال سينٽر هلائيندو هو، جوابدارن سافٽ هائوس ۽ ڪال سينٽر مان لکين ڊالرز چوري ڪيا هئا،جوابدار ارمغان ڊجيٽل ڪرنسي جي مٽاسٽا لاءِ ڪيترائي ڊجيٽل ڪرنسي اڪائونٽ ٺاهيا هئا، اختيارين موجب جوابدار گرفتاري کان اڳ گهر ۾ موجود سمورن ليپ ٽاپن جي ڊيٽا ڊليٽ ڪري ڇڏي هئي ۽ ليپ ٽاپ خالي ڪرڻ لاءِ جوابدار چئن ڪلاڪن تائين پوليس سان وڙهندو رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.