ون ڊي ميچ ۾ گهٽ ترين اسڪور جو دفاع، آمريڪا نئين تاريخ لکي ڇڏي

آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ليگ 2 جي ميچ ۾ آمريڪا عمان کي شڪست ڏئي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي.
عمان جي ال امارات ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ عمان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. آمريڪي ٽيم پهريان کيڏندي 36هين اوور ۾ 122 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي.
عمان طرفان شڪيل احمد 3، عامر ڪليم 2، شري واستَو 2، جئه اُوديدرا ۽ سڌارٿ هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
آمريڪا جي 123 رنسن جي جواب ۾ عمان جي پوري ٽيم 26هين اوور ۾ 65 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
آمريڪا جي نوسٿوش 5، ملند ڪمار ۽ ياسر محمد 2-2 جڏهن ته هرميت سنگهه هڪ وڪيٽ ورتي.
ان فتح سان گڏ آمريڪا ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ گهٽ ترين اسڪور جو ڪامياب دفاع ڪندڙ ٽيم بڻجي وئي.
ان کان اڳ 1985ع ۾ ڀارت شارجا ۾ پاڪستان خلاف 125 رنسن جو دفاع ڪندي 38 رنسن تان ميچ کٽي اِهو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.
ان کانسواءِ آمريڪا ۽ عمان جي وچ ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ هڪ ٻيو نئون رڪارڊ پڻ قائم ٿيو.
4671 ون ڊي ميچن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ رڳو اسپنرن بالنگ ڪئي ۽ هڪ به بال تيز بالرن نه هلايو.
عمان طرفان پنج اسپنرن بالنگ ڪئي جڏهن ته آمريڪا جي چئن اسپنرن شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪري پنهنجي ٽيم کي سوڀ ڏياري.
ميچ ۾ مجموعي طور 19 وڪيٽون ڪِريون، سڀ وڪيٽون اسپنرن ورتيون، هڪ رانديگر رن آئوٽ ٿيو، ان سان گڏوگڏ ون ڊي ميچ ۾ اسپنرن طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽن جو رڪارڊ پڻ برابر ٿي ويو.
ان کان اڳ 2011ع ۾ چٽاگانگ ۾ بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ ون ڊي ميچ ۾ به 19 وڪيٽون اسپنرن ورتيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.