لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ هٿرادو سياسي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
اربع ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان سينيٽ ۾ ن ليگ جي پارلياماني ليڊر عرفان صديقي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
نواز شريف چيو ته هٿرادو سياسي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، هڪ گروهه سنجيده ڳالهين جي صلاحيت نٿو رکي.
هن چيو ته جيڪڏهن 2013 ۾ تعمير ۽ ترقي جو سفر جاري رهي ها ته اڄ ٻاهرين مدد جي ضرورت نه پئي ها، هاڻ لانگ مارچ، ڌرڻن ۽ پرتشدد احتجاج جي قطعي اجازت نه ڏينداسين، نه ترقي جي سفر ۾ رنڊڪ وجهڻ ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي، نوجوان نسل کي پرامن ۽ ترقي ڪندڙ پاڪستان جي ضرورت آهي.
You might also like