دبئي(ويب ڊيسڪ)بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان نجم الحسن شانتو چيو آهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڪا به ٽيم ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي ۽ هو پنهنجي مخالف ٽيم کي هارائڻ لاءِ پرعزم آهن.
دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ميگا ايونٽ ۾ هر ٽيم وٽ موقعو آهي، ڇو ته ڪنهن به فيورٽ ٽيم لاءِ هڪ خراب ڏينهن فيصلا بدلائي سگهي ٿو.
نجم الحسن شانتو ٻڌايو ته سندن ٽيم نون رانديگرن سان ميدان ۾ لهندي ۽ هو بهترين تياريءَ سان ميچ کٽڻ جي ڪوشش ڪندا.
هن چيو ته ڀارت خلاف ميچ کٽڻ لاءِ سمورا رانديگر پرعزم آهن ۽ هو پنهنجي صلاحيتن جو بهترين مظاهرو ڪندا.
بنگلاديش جي ڪپتان جو چوڻ هو ته ڀارت خلاف ميچ هڪ وڏو چئلينج آهي، پر هو پوري ڪوشش ڪندا ته مخالف ٽيم کي شڪست ڏئي سگهن.
نجم الحسن شانتو پنهنجي رانديگرن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته هر رانديگر ٽيم جي ڪاميابي لاءِ ڀرپور محنت ڪندو.
واضح رهي ته بنگلاديش 20 فيبروري تي دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارت خلاف چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ کيڏندو.
You might also like