نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغانستان مان ٿيندڙ سرحد پار دهشتگردي تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي جو اظهار ڪندي افغانستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن کي سهڪار جي اپيل ڪري ڇڏي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيو يارڪ ۾ موجود آهي، جتي هن يو اين سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي، جنهن پاڪستان جي امن مشنز ۾ ڪردار ۽ گڏيل قومن ۾ سرگرم شموليت تي ٿورا مڃيا.
اسحاق ڊار چيو ته ڪابل مان ٿيندڙ دهشتگردي تي ڳڻتي آهي، افغانستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومن جو سهڪار گهربل آهي، پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل رڪن طور عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي.
You might also like