ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي هوائي فوج طرفان فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو ويو.
هوائي فوج جي شيردل ٽيم فضا ۾ قومي پرچم جا رنگ وکيريندي پاڪستاني قوم کي سلام پيش ڪيو.
ان کانسواءِ شيردل ٽيم ڀرپور پيشيوراڻي مهارت جو ثبوت ڏيندي شاهين بريڪ جو به مظاهرو ڪيو، جي ايف 17، ايف 16 ۽ شير دل شاهينن سڄي قوم کي جوش ڏياريو، جڏهن ته جي ايف -17 ٿيندڙ جهاز به فلاءِ پاسٽ ۾ حصو ورتو.