چيمپيئنز ٽرافي:پاڪستان لاءِ بُري خبر، فخر زمان انجري جو شڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اوپنر فخر زمان آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ دوران انجري جو شڪار ٿي ويو.
نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ جاري آهي. ميچ پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
فيلڊنگ دوران فخر زمان کي انجري ٿي ۽ هو ميدان کان ٻاهر هليو ويو، ڪجهه دير کانپوءِ هو واپس ميدان ۾ آيو، پر وري ڊريسنگ روم ڏانهن واپس موٽي ويو.
پي سي بي موجب، فيلڊنگ دوران فخر زمان جي چيلهه ۾ سَٽ اچي وئي، جنهن جو طبي معائنو ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.