سونالي بيندري سان محبت بابت سوال تي شاهد آفريدي ڇا چيو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ڀارتي اداڪارا سونالي بيندري سان محبت بابت سوال تي مسڪرائيندي ڳالهه ٽاري ڇڏي.
ماضيءَ ۾ بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سونالي بيندري جا پاڪستاني ڪرڪيٽرن شاهد آفريدي ۽ شعيب اختر لاڳاپن جا افواهه سامهون اچي چڪا آهن، ٻئي ڪرڪيٽر ڪيئي موقعن اهڙي قسم جون خبرون رد ڪري چڪا آهن.
پر هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ماضي جي قصي کي وري تازو ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ ”جشنِ ڪراچي” ۽ 17هين ”عالمي اردو ڪانفرنس“ دوران هڪ ميزبان شاهد آفريدي کان پڇيو ته ”اسان ٻڌندا آيا آهيون ته سونالي بيندري شاهد آفريدي کي پسند ڪندي هئي، ڇا اِهو سچ آهي؟ “
ميزبان جي سوال تي شاهد آفريدي مسڪرائيندي چيو ”توهان کي خبر آهي ته مان هاڻي نانو بڻجي ويو آهيان، انڪري هي سوال ڇڏيون ٿا ڇو ته هاڻي اسان وڏا ٿي ويا آهيون..!“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.