مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري عدالتي حڪم تي ٿي:ضيا لنجار

ڪراچي (رپورٽر) جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري بابت صوبي جي قانون، گھرو کاتي ۽ پارلياماني معاملن واري  وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته غلام مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري عدالتي حڪم تحت ڪئي وئي آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف قتل جو ڪيس نگران حڪومت جي دور ۾ داخل ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس گرفتاري عمل ۾ آئي. وڌيڪ وضاحت ڪندي، وزير داخلا ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ضلع نوشهرو فيروز ۾ هڪ بيگناهه شخص بلاول زرداري جو قتل ٿيو هو، جنهن جي وارثن ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي. گھرو وزير سوال ڪيو ته معزز عدالت جي حڪم تي ٿيل گرفتاري کي انتقامي ڪارروائي ڪيئن سڏي سگهجي ٿو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.