ڪراچي( رپورٽر ) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سڄي سنڌ جي تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگيءَ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي سڄي سنڌ جي 7 ئي تعليمي بورڊن ۾ مالي بي ضابطگين، مارڪن جي طريقي ڪار سميت مالي خرچن جي اسپيشل آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي اي سيءَ ڊي جي آڊٽ کي سال 2022ع کان سال 2024ع تائين سڀني تعليمي بورڊن جي 3 سالن جي خصوصي آڊٽ ڪري 4 مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته پي اي سيءَ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي تعليمي بورڊن جي اسپيشل آڊٽ لاءِ مول متا ٺاهي هڪ هفتي اندر ڊي جي آڊٽ کي فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪري ڇڏي آهي. اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن سعديه جاويد، خرم ڪريم سومرو سميت يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي سيڪريٽري عباس بلوچ، ڪراچيءَ جي انٽر ۽ مئٽرڪ بورڊ جي چيئرمين شرف علي شاهه سميت ٻين تعليمي بورڊن جي چيئرمينن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي سنڌ جي تعليمي بورڊن جي سال 2016ع کان سال 2017ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ مالي بي ضابطگين تي ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگيءَ کي سواليه نشان قرار ڏئي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليمي بورڊن جو معيار اِهو بڻجي چڪو آهي ته الزام لڳي رهيا آهن ته بورڊن ۾ ”پئسا ڏيو ۽ مارڪون وٺو“؟ جيڪڏهن تعليمي بورڊن ۾ پئسا ڏئي اي پلس مارڪون ڏنيون وينديون ته پوءِ شاگرد انٽري ٽيسٽ ۾ فيل ئي ٿيندا. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ حڪومت انٽر تائين تعليم مفت ڪري ڇڏي آهي ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت سڀني تعليمي بورڊن کي امتحاني فيس جي مد ۾ ساليانو 2 ارب روپيا فراهم ڪري رهي آهي پر تعليمي بورڊن پاران امتحاني نتيجن ۾ هيراڦيريءَ سبب تعليم جو معيار سواليه نشان بڻجي چڪو آهي. ان موقعي تي ڪميٽيءَ جي ميمبر خرم سومرو ڪراچيءَ جي انٽر بورڊ اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته فرسٽ ايئر جي نتيجن ۾ هيراڦيريءَ تي انٽر بورڊ جي چيئرمين امير قادريءَ کي هٽايو ويو هو ان معاملي جي جاچ ڪٿي پهتي؟ ۽ تعليمي بورڊن جو مارڪون ڏيڻ جو ڪهڙو نظام آهي؟ جنهن تي ڪراچيءَ جي انٽر ۽ مئٽرڪ بورڊ جي چيئرمين شرف علی شاهه پي اي سيءَ کي عجيب جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اميدوارن کي مارڪون گهٽ ڏيون ٿا ته به اِشو ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن مارڪون وڌيڪ ڏيون ٿا ته بہ الزام لڳي ٿو. ان لاءِ امتحاني نتيجن جي شفافيت بابت حڪمت عملي تبديل ڪري رهيا آهيون. ميمبر سعدیه جاويد چيو ته تعليمي بورڊن جي اسپيشل آڊٽ ڪرائي وڃي. چيئرمين پي اي سي چيو ته تعليمي بورڊ اصل ۾ قوم جي تعمير تصور ڪيا ويندا آهن پر هتي تعليمي بورڊ قوم جي ڪهڙي تعمير ڪري رهيا آهن؟. اجلاس ۾ پي اي سيءَ سنڌ جي 7 ئي تعليمي بورڊن جي سال 2022ع کان 2024ع تائين 3 سالن جي مالي معاملن، مارڪن جي طريقي ڪار سميت مالي بي ضابطگين بابت خصوصي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.