وفاق حق ڏيڻ بدران سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا ڦٻائي پيو: زين شاهه

کورواھ (رپورٽ: شاهجهان خاصخيلي) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ کورواھ ڀرسان ڳوٺ حاجي سلطان پنهور ۾ پارٽي ورڪرن ۽ ڳوٺاڻن سان گڏجاڻي  بعد ”عوامي آواز“ سان خصوصي ڳالھه ٻولھه ڪندي چيو ته وفاق صوبن جي نمائندگي ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي، وفاق صوبن کي پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق ڏيڻ بدران سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا ڦٻائڻ واري روايت برقرار رکندو اچي، گرين پاڪستان منصوبي جي نالي ۾ سنڌ جي زراعت ۽ معيشت کي تباھي طرف ڌڪي سنڌ جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ چاهي ٿو، اسان اهڙين سنڌ دشمن سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ گولاڙچي تعلقي ۾ پڻ احمد راڄو واري علائقي جون هزارين ايڪڙ زمينون ڪامورن جي ذريعي ڦٻائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، ان موقعي تي امير آزاد پنهور، امير علي ٿيٻو، دانش نور سومرو، منور پنهور، ابو نوحاڻي، رحيم پنهور، قاضي غلام حسين ڪنڀار، ڊاڪٽر عبدالعليم پنهور، عبدالغني چنا ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.