وسيلا وڪڻڻ کانپوءِ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي مان چونڊيل پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله پاران بھارين، بنگالين ۽ افغانين سميت غير قانوني پرڏيھين کي شناختي  ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ واري مطالبي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ درياھ ۽ وسيلا وڪڻڻ کانپوءِ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي شناختي ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيڻ جي منصوبابندي ڪري رھي آھي، سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ پيپلز پارٽي جي سازش کي  وائکو ڪيو آهي، ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو پنهنجي پريس پڌرائي ڄاڻايو آهي ته اڄ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ،ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ دودو برھماڻي کان واھي پانڌي تائين پيادل مارچ ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.