ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 8 ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ شروع ٿي رهي آهي، جتي 8 ٽيمون ٽرافي حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهنديون. ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٿيندي، جيڪا ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
ميگا ايونٽ ۾ ڪل 15 ميچون کيڏيون وينديون، جتي سڀني ٽيمن پنهنجي تيارين کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ڀارتي ٽيم پنهنجي سڀ ميچون دبئي ۾ کيڏندي.
ڪرڪيٽ شوقينن جو جوش عروج تي آهي، خاص طور تي پاڪستان ۽ ڀارت جي مقابلي لاءِ ڪرڪيٽ حلقن ۾ بي صبري سان انتظار ڪيو پيو وڃي، ميچ کان اڳ ئي اڳوڻن ڪرڪيٽرن اڳڪٿيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.
اڳوڻي ڀارتي آل رائونڊر يووراج سنگهه، نووجوت سنگهه سڌو ۽ پاڪستان جي اڳوڻن ڪپتانن انضمام الحق ۽ شاهد آفريدي رانديگرن جي ڪارڪردگيءَ بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
يووراج سنگهه چيو ته ٽورنامينٽ ۾ نوجوان اوپنر شُڀمَن گِل سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندو ۽ محمد شامي ٽاپ وڪيٽ ٽيڪر هوندو.
شاهد آفريدي موجب، بابر اعظم ٽاپ اسڪورر هوندو، جڏهن ته شاهين آفريدي سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندو.
نووجوت سنگهه سڌو جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ تصور آهي ته ٽيم سڄي دنيا کان هارائي ڪا ڳالهه ناهي پر پاڪستان کان هارائڻو ناهي ۽ 23 فيبروري تي به اهو نظر ايندو.
انضمام الحق به بابر اعظم کي ٽاپ اسڪورر قرار ڏيندي، بالنگ لاءِ حارث رؤف جو نالو ورتو.
ميچ جو رخ بدلائيندڙ رانديگرن بابت، يوراج سنگهه هاردِڪ پانڊيا تي اعتماد ظاهر ڪيو، جڏهن ته آفريدي محمد رضوان ۽ انضمام فخر زمان کي ”گيم چينجر“ قرار ڏنو.
پروگرام جي آخر ۾ يووراج سنگهه دبئي جي حالتن ۾ پاڪستان کي فيورٽ قرار ڏيندي چيو ته گرين شرٽس گڏيل عرب امارات ۾ سخت مخالف ثابت ٿيندي.
ياد رهي ته لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪو آءِ سي سي ايونٽ ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ آخري ڀيرو 1996ع واري عالمي ڪپ جو فائنل کيڏيو ويو هو.
You might also like