نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي جهانسي ۾ 4 ورهين جي ڌيءُ جي ڊرائنگ ماءُ جو قاتل پڪڙڻ ۾ پوليس جي مدد ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 27 ورهين جي عورت جي قتل جو واقعو جهانسي جي ڪوتوالي علائقي ۾ پيش آيو، عورت جي والدين مڙس ۽ ساهرن تي قتل جو الزام هنيو هو.
عورت جي والدين چيو ته سنديپ سان ڌيءُ جي شادي 2019 ۾ ٿي هئي، هو گهرواري کي تشدد جو نشانو بڻائيندو هو.
رپورٽ موجب عورت جي 4 ورهين جي ڌيءُ هڪ خاڪو تيار ڪيو، جنهن ۾ هن اشارو ڏنو ته ماءُ جو قاتل ڪير آهي.
ٻارڙي ڊرائنگ ذريعي هڪ خوفناڪ منظر بيان ڪيو، هن چيو ته پيءُ ماءُ کي مٿي ۾ ڌڪ هنيو ۽ کيس ٻوري ۾ وجهي ڦٽو ڪري ڇڏيو، قتل کان هڪ ڏينهن اڳ جوابدار عورت کي ڌمڪايو ته ڌيءُ چيو جيڪڏهن توهان ماءُ کي ماريو ته توهان جون ٻئي ٻانهون ڀڃي ڇڏينديس.
پوليس عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ فرانزڪ ليب موڪلي ڇڏيو ۽ سندس مڙس کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.
You might also like