ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر بابر اعظم چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2017 جي بهترين يادن ۾ فخر زمان جي سينچري ۽ محمد عامر جو اسپيل شامل آهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ آءِ سي سي ايونٽ ٿي رهيو آهي، جنهن تي هر ڪو پرجوش آهي.
هن چيو ته ٽيم جو توهان تي دارومدار هڪ هاڪاري احساس ڏيندو آهي، منهنجي هر ميچ ۾ ڪوشش هوندي آهي ته ٽيم لاءِ بهتر کان بهتر پرفارم ڪيان.
سندس چوڻ هو ته مون تي ڪو دٻاءُ ناهي، ماضي جون ڳالهيون وساري نئين ڏينهن لاءِ تيار آهيان، ايونٽ ۾ اسان کي هوم گرائونڊ جو ايڊوانٽيج هوندو.
You might also like