پشاور (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳوڻ عمر ايوب چيو آهي ته حڪومت ۾ اچي 26هين آئيني ترميم کي ختم ڪنداسين.
پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ورڪرن تي ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سڀني سياسي قيدين جي آزادي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، حڪومت سان ڪو رابطو ناهي.
هن چيو ته سموريون اپوزيشن جماعتون متحد ٿي ويون آهن، رمضان کانپوءِ ڀرپور مهم هلائينداسين، حڪومت ۾ اچي 26هين آئيني ترميم جو خاتمو ڪنداسين.
You might also like