”جيڏو به دٻاءُ وجهو ڊيل نه ڪندس“ عمران خان جو جيل مان بيان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته باني سان گهر ڀاتين جي ملاقات ٿي آهي، هو بلڪل صحت مند آهي، هن واضح ڪيو آهي ته توهان جي مرضي جيڪو دٻاءُ وجهو ڊيل نه ڪندس.
راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته باني پي ٽِي آءِ جي صحت خراب هجڻ جي خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، ان کي سيل ۾ سهولتون ملي رهيون آهن.
عليمه خان چيو ته جيل کان ٻه ڪلوميٽر اڳ اسان جي گاڏي روڪي وئي، وڪيلن کي روڪيو ويو.
هن چيو ته سلمان اڪرم راجا ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي کي روڪيو ويو، اسان کي به 50 منٽ روڪيو ويو بعد ۾ اجازت ملي ته اسان کي اڊيالا اچڻ ڏنو ويو.
عليمه خان چيو ته پي ٽي آءِ باني ٻڌايو ته ٽي ڀيرا بشريٰ بي بي سان ملاقات ناهي ڪرائي وئي، اڄ به جيل انتظاميا چيو ته آرڊر آهي ته بشريٰ بي بي سان ملاقات نه ڪرائي ويندي.
عليمه خان چيو ته باني پي ٽي آئي ٻڌايو ته بشريٰ بي بي کي قيدِ تنهائي ۾ رکيو ويو آهي، باني واضح ڪيو ته توهان جيڪو وڻي پريشر وجهو ڊيل نه ڪندس.
هن چيو ته جيل رولز ۽ ڪورٽ آرڊر جي هتي ڪا به قيمت نه آهي، ڪير باني سان نه پيو ملي ته اهڙيون خبرون انهن جي ميڊيا فيڪٽري مان نڪري رهيون آهن.
عليمه خان چيو ته مون سان منسوب اسڪريٽ شاٽ فيڪ آهن هي پاڻ بڻائي رهيا آهن، توهان منهنجي فون مان اهي شيون ڪڍي به ورتيون ته آڻيو عدالت ۾ پيش ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.