چين ۽ آمريڪا وچ ۾ پُل بڻجي سگهون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

ميونخ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا وچ ۾ پُل بڻجي سگهي ٿو.
ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چين ۽ آمريڪا جي ڇڪتاڻ جا سڄي دنيا ۾ واضح اثر آهن، پاڪستاني نظريي سان ڏٺو وڃي ته تاريخي طور تي اسان پل بڻجڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪڏهن توهان اسان کي هڪ ڪيمپ ۾ رکڻ چاهيو ٿا ته اسان پاڻ کي پل ٺاهڻ وارن طور ڏسڻ چاهينداسين، اسان ماضي ۾ سفارتي رابطا قائم ڪرڻ ۽ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ لاڳاپن ۾ اهو ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن ڊونلڊ ٽرمپ کي ”ڊيل ميڪر“ قرار ڏيندي چيو ته سندس ليڊر شپ ۾ پاڪستان اهم علائقائي چيلينجن کي منهن ڏئي سگهي ٿو، گڏوگڏ هن زور ڏنو ته علائقائي مخالف هجڻ باوجود پاڪستان ڀارت سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو پر ڀارت لاءِ چين جي مخالف طور آمريڪي حمايت هٿيارن جي ڊوڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.