ملڪيت جي تڪرار تان ٽي عورتون قتل

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) سرگوڌا جي صدر ٿاڻي جي حدن ۾ ملڪيت ۽ خانداني تڪرار تان ٽن عورتن کي قتل ڪيو ويو.
واقعو صدر ٿاڻي جي حدن چڪ نمبر 103 ۾ اڄ صبح پيش آيو، جنهن ۾ قمر بتول، عليشبا ۽ مريم مارجي ويون، جڏهن ته ٽي ڄڻيون نمرا، مافيا ۽ زينب زخمي ٿي پيون، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.
ڊي پي او سرگوڌا واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ زخمي عورتن سان عيادت به ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.