اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻن پيٽروليم ڪمپنين کان ليوي ۽ ڏنڊ جي مد ۾ 68 ارب رپيا وصول نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پي اي سي اجلاس دوران پيٽروليم سيڪريٽري چيو ته هڪ ڪمپني بائيڪو ڊيفالٽ ٿيڻ کانپوءِ نالو تبديل ڪيو، بائيڪو هاڻ سنرجيڪو جي نالي سان ڪم ڪري رهي آهي، هاڻ اها ڪمپني هڪ ارب رپيا ساليانو جي حساب سان ادا ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي.
پي اي سي چيئرمين ٻئي نالي سان ڪمپني رجسٽرڊ ٿيڻ تي ايس اي سي پي کان جواب طلب ڪري ورتو.
آڊٽ اختيارين چيو ته اهو معاملو ايس آءِ ايف سي کي موڪليو ويو آهي، نويد قمر سوال اٿاريو ته ڪهڙي قانون تحت اهو معاملو ايس آءِ ايف سي کي موڪليو ويو، آڊٽ اختيارين وراڻيو ته اهو ڪيس ايف آءِ اي ۽ نيب کي به موڪليو ويو هو.
اجلاس دوران ايف آءِ اي ۽ نيب اختياريون ڪيس جي تازي ڄاڻ کان لاعلم نڪتيون، جنهن تي پي اي سي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
پي اي سي ايندڙ اجلاس ۾ وضاحت لاءِ نيب چيئرمين ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي طلب ڪري ورتو.
ٻن پيٽروليم ڪمپنين کان ليوي ۽ ڏنڊ جي مد ۾ 68 ارب رپيا وصول نه ڪرڻ جو انڪشاف
You might also like