غزا رٿائن تي سعودي ولي عهد ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ۾ اهم ملاقات

رياض (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وچ غزا رٿائن بابت اهم ملاقات ٿي آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس روبيو ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات بابت لکت ۾ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير غزا لاءِ هڪ اهڙي بندوبست جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪا علائقائي سلامتي لاءِ مددگار هوندي.
ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن گذريل مهيني اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي معاهدي سان پنهنجي وابستگي جو عزم پڻ ورجايو ۽ شام، لبنان جي موجوده صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
سعودي خابرو اداري موجب، ٻنهي اڳواڻن علائقائي، عالمي تبديلين، سلامتي ۽ استحڪام جي اصولن جي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.