رياض (ويب ڊيسڪ ) روس ۽ يوڪرائن وچ ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪا ۽ روس سعودي عرب ۾ ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي.
آمريڪا ۽ روس جي اعليٰ عملدارن وچ ۾ اڄ سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ اهم ملاقات ٿي، جتي ٻطرفن لاڳاپن جي بحالي ۽ يوڪرائن جنگ جي خاتمي جي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
يوڪرائن تڪرار تي روزي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جي آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو، قومي سلامتي بابت صلاحڪار مائيڪ والٽز، خاص ايلچي اسٽيووٽڪوف تي ٻڌل آمريڪي ٽيم سان اڄ ملاقات ٿي آهي.
ان ڏس ۾ ٻنهي ڌرين جو چوڻ آهي ته پهرين اعليٰ سطحي ملاقات جي نتيجي ۾ ڪنهن اڳڀرائي جو امڪان گهٽ آهي ۽ ڪنهن به حتمي مرحلي تائين پهچڻ ۾ وقت لڳندو.
آمريڪي اختيارين موجب، اڄوڪي گڏجاڻي ڳالهين لاءِ نه هئي پر ملاقات دوران اِهو ڏٺو ويندو ته ڇا روس يوڪرائن جنگ ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي يا نه.
واضح رهي ته ڳالهين ۾ يوڪرائڻ کي دعوت نه ڏني وئي آهي جنهن تي يوڪرائني صدر والاديمير زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته رياض ۾ٿيندڙ ملاقات بابت کيس ڪا ڄاڻ نه آهي ۽ يوڪرائن جي شموليت کانسواءِ ان معاملي ۾ ڪنهن به شئي يا معاهدي کي قبول نه ڪيو ويندو.
You might also like