”پاڪستان ۾ فوجي عدالتون آزاد ناهن“، عالمي اصولن ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته سويلينز جو ڪورٽ مارشل نٿو ٿي سگهي: جسٽس نعيم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل واري فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته عالمي اصولن ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته سويلينز جو ڪورٽ مارشل نٿو ٿي سگهي.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ملٽري ڪورٽ مان سزا يافته ارزم جنيد جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته شفاف ٽرائل جو آرٽيڪل 10 اي عالمي اصولن جي روشني ۾ ئي آئين جو حصو بڻايو ويو، ان تي جسٽس نعيم اختر چيو ته بين القوامي اصولن ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته سويلينز جو ڪورٽ مارشل نٿو ٿي سگهي.
ٻڌڻي دوران سلمان اڪرم وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميٽي موجب پاڪستان ۾ فوجي عدالتون آزاد نه آهن، رپورٽ ۾ حڪومت کي فوجي تحويل ۾ موجود ماڻهن کي ضمانت ڏيڻ جو چيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.