خيرپور(ن ع آ) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ جو رهواسي سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد 20 سالا معين سمنگ جو تشدد ٿيل لاش ڳوٺ ڀرسان انب جي باغ مان هٿ علائقي ۾ خوف ۽ حراسان جو ڏھڪاءُ سندس موت ڳجھارت بڻيل ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ يوسي گجو جي چيئرمين مبين سمنگ جو ننڍو ڀاءُ سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد 20سالا معين سمنگ جو تشدد ٿيل لاش ڳوٺ جي ٻاھران هٿ آيو آهي ان سلسلي ۾ يوسي گجو جو چيئرمين مبين سمنگ جو چوڻ آهي ته منھنجو ڀاءُ سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد 20 سالا معين سمنگ پنهنجي اوطاق تي ئي بيٺو هو ته ھو فون تي ڳالهائيندو رهيو ۽ ڪجهه دير بعد سندس نمبر بند ٿي ويو جنهن بعد حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ۽ ڳولها ڪئي ته ڳوٺ ڀرسان انبن جي باغ مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي خبر ناھي ته ڪنھن ظلم ڪيو آھي، ھن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جاچ ڪئي وڃي ۽ منھنجي ڀاءُ جا قاتل گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي.