ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد شھر کان پيرسن ابي سان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ ويندڙ ٽائل ماربل جو ڪم ڪندڙ مستري نگر حسين سھرياڻي کي ڪجهھ ڏينهن اڳ ھٿياربند ڏوھاري اغوا ڪري ويا جنهن جي آڊيو ٺاھي بي رحم ڏوھارين وارثن ڏي موڪلي جنهن ۾ مغوي نگر حسين سھرياڻي درد ڀري دانھن سان ڳالھائيندي چيو ته مال گھر ۾ نياڻين جو پيل ڏاج وڪرو ڪريو،جيڪو ڪجهھ آهي وڪرو ٻار وڪرو ڪيو جيڪو وڻي ڪيو پر مون کي آزاد ڪرايو پنهنجي گھر ڀاتين معززين جا نالا کڻي اپيل ڪندي چوي ٿو چاليھ لک رپيا ڀنگ گھرن ٿا ڏئي آزاد ڪرايو