عدليا کي پنهنجي پيرن تي بيهي چوڻ گهرجي تي بس هاڻي گهڻو ٿيو: عمر ايوب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته عدليا کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ گهرجي، عداليا چوڻ گهرجي ته بس هاڻي گهڻو ٿيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب خان، سينيٽر شبلي فراز ۽ سلمان اڪرم راجا خيبر پختونخوا هائوس اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ ٽن مسئلن تي عوام سان ڳالهايو ويندو، هڪ سال پورو ٿيڻ وارو آهي، پي ٽي آءِ کي عوام مئنڊيٽ ڏنو هو، قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ وٽ 180 سيٽون آيون، پنجاب ۾ به اڪثريت هئي.
هن چيو ته ملڪ ۾ ٻچي ٻچي کي خبر آهي ته 2024 واريون چونڊون شفاف نه هيون، ، اسان ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو هو نه ڪميشن ٺهي، نه عدليا نوٽس ورتو، اسان جي جي 74 پيٽشنز مان ڪا هڪ به اڳتي نه وڌي سگهي.
بئريسٽر گوهر چيو ته اسان اڄ به اهو مطالبو ڪيون ٿا ته پنهنجو آئيني حق واپس وٺنداسين، جعلي مينڊيٽ سان ٺهيل حڪومت آئين ۾ ترميمون پاس ڪرائي چڪي هئي، پي ٽي آءِ جو اصولي موقف آهي ته 26 هين ترميم جو فيصلو ڪيو وڃي، ان جو فيصلو اهي جج ڪن جيڪي ترميم کان اڳ مقرر هئا، ان کان اڳ اسان ڳالهين لاءِ به چيو.
قومي اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي تائين رسائي بند ڪئي وئي، توشا خانا ٽو ڪيس ۾ ٻڌڻي عجيب طريقي سان ملتوي ڪئي وئي، عدليا کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ گهرجي، عدليا کي اهو چوڻ گهرجي ته بس، هاڻي گهڻو ٿيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ججن کي بيهڻو پوندو.
هن چيو ته وزيراعظم عمران خان، بشريٰ بي بي، شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد، حسان نيازي، ميان محمود الرشيد ۽ ٻين سميت گرفتار ٿيل سڀ قيدي سياسي قيدي آهن، انهن سڀني کي آزاد ڪيو وڃي، پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي ناهي، هتي ڪو به سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
عمر ايوب خان چيو ته مان سڀني حڪومتي وزيرن کي چئلينج ڪيان ٿو ته مهانگائي جي معاملي تي مون سان مناظرو ڪن، بجلي،اَٽو، گئس، کنڊ سڀ شيون مهانگو ٿي چڪيون آهن، جيڪي عام ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر ٿي ويون آهن.
اپوزيشن ليڊر چيو ته پي ٽي آءِ باني کليل خط لکيو، عمران خان وزيراعظم رهي چڪو آهي ۽ هو ٻيهر وزيراعظم ٿيندو، انهن جي تجربو جو فائدو کڻڻ گهرجي، سندس ويزن ۽ تجربي مان لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني سڄي قوم کي متحد ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.