ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر جي پي ڊومني ۽ سندس گهرواري 12 ورهين تائين قائم رهندڙ شاديءَ جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جي پي ڊومني ۽ سندس گهرواري طلاق بابت سوشل ميڊيا تي گڏيل پوسٽ ذريعي مداحن کي آگاهه ڪيو، ٻنهي جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان لاڳاپا خراب هئا، جنهن سبب جوڙي عليحدگي جو فيصلو ڪيو.
ٻنهي جي شادي 12 ورهين تائين قائم رهي ۽ جوڙي کي ٻن نياڻين جو اولاد پڻ آهي.
ڊومني ۽ سندس گهرواري پوسٽ ۾ لکيو ته گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ هنن ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، شادي جون ڪيئي خوبصورت يادون ۽ ٻن پيارين نياڻين جو اولاد آهي.
هنن مداحن کان اپيل ڪئي ته هن نازڪ وقت ۾ سندن پرائيويسي جو خيال رکيو وڃي.
ياد رهي ته جي پي ڊومني عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي چڪو آهي، هن ڏکن آفريڪي ٽيم لاءِ 46 ٽيسٽ، 199 ون ڊي ۽ 81 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ حصو ورتو.
Prev Post
You might also like