لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز جي مشهور جوڙي فرحان سعيد ۽ عروه حسين پهريون ڀيرو پنهنجي الڳ ٿيڻ واري وقت بابت ڳالهايو آهي.
فرحان سعيد ۽ عروه حسين جو ڳاڻيٽو پاڪستان جي پسنديده جوڙي طور ٿيندو آهي.
هر جوڙي جيان انهن جي زندگي ۾ به ڏکيو وقت آيو جڏهن ٻنهي کي وقتي طور تي هڪ ٻئي کان الڳ ٿيڻو پيو.
تنهن هوندي ٻنهي ان مسئلي تي پاڻ کي سوشل ميڊيا کان پري رکيو ۽ نه ئي هڪ ٻئي جي باري ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي، هي اهو وقت هو جڏهن ٻنهي الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو، بعد ۾ والدين جي مدد ۽ مداخلت سان هڪ ٻئي کي دل سان معاف ڪري ٻنهي ٻيهر ٺاهه ڪري ورتو، جڏهن ته ٻنهي جي والدين انهن ٻنهي کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
تازو ڏنل هڪ انٽرويو ۾ فرحان ۽ عروا پنهنجي شادي شده زندگي جي مختلف پهلوئن تي ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته ٻيهر تعلق قائم ڪرڻ ۾ سڀ کان اهم شئي هڪ ٻئي جي عزت هئي.
فرحان سعيد چيو ته اسان جي وچ ۾ مسئلا هئڻ باوجود اسان ڪڏهن به عوامي سطح تي هڪ ٻئي خلاف نه ڳالهايو، هڪ ٻئي جي ڪٽنبن جي عزت ڪئي ۽ پنهنجي رشتي جي اهميت کي سمجهيو، اهو ئي سبب هو جو اسان ٻيهر هڪ ٻئي جي ويجهو اچي سگهياسين.
گلوڪار فرحان سعيد اهو به چيو ته ڪنهن به گهر واري جي پٺيان ان جي ڳالهه ڪرڻ مناسب ناهي هوندو ان کان احتياط ڪرڻ گهرجي.
مشهور جوڙي عوام کي اهم پيغام ڏيندي چيو ته پنهنجي گهر واري جي عزت ۽ احترام سان مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
واضح رهي ته عروه ۽ فرحان جي شادي ڊسمبر 2016 ۾ ٿي هئي، ان بعد 2020 جي آخر ۾ ٻنهي جي وچ ۾ الڳ ٿيڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون پر ٻنهي مان ڪنهن به ان تي سڌ سنئون ڳالهه ٻولهه نه ڪئي هئي.
You might also like