ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر، تجزيي نگار ۽ ڪامينٽيٽر آڪاش چوپڙا 19 فيبروري کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان جي پليئنگ اليون جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
پنهنجي يوٽيوب چئنل تي ڳالهائيندي آڪاش چوپڙا سعود شڪيل کي بابر اعظم بدران فخرزمان سان گڏ اوپننگ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو.
واضح رهي ته بابر اعظم ٽه ملڪي سيريز دوران ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ لاءِ اوپننگ ڪئي، پر ٽن اننگز ۾ هو 20.69 جي ايوريج سان رڳو 62 رنسون ٺاهي سگهيو.
صائم ايوب جي انجري سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان فخر زمان لاءِ موزون اوپننگ پارٽنر جي ڳولا ۾ آهي، جڏهن ته پاڪستان جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد بابر جي تازي ڪارڪردگي باوجود اوپننگ جاري رکڻ جي حمايت ڪئي آهي.
آڪاش چوپڙا ٽن رانديگرن جا نالا ورتا جن ۾ سعود شڪيل، خوشدل شاهه ۽ ابرار احمد شامل هئا، جن بابت اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته انهن جي خاص جاچ پڙتال ڪئي وڃي.
هن پاڪستاني پليئنگ اليون بابت چيو ته فخر زمان سان گڏ سعود شڪيل کي اوپنر طور ڏسي رهيو آهيان، ڇو ته صائم ايوب في الحال ٽيم ۾ نه آهي. ون ڊائون تي بابر اعظم، چوٿين تي محمد رضوان ۽ پوءِ سلمان آغا، خوشدل شاهه، فهيم اشرف، شاهين شاهه، نسيم شاهه، حارث رئوف ۽ ابرار احمد.
هن اسڪواڊ ۾ ڪجهه رانديگرن جي اهميت بابت وڌيڪ وضاحت پيش ڪندي چيو ته ٽن رانديگرن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي، جن ۾ سعود شڪيل، خوشدل شاهه ۽ ابرار احمد شامل آهن.
You might also like