ظهير خان وسيم اڪرم کي عظيم ترين بالر قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر ظهير خان پنهنجي ٽاپ 5 ون ڊي بالرن جو چونڊيا جنهن ۾ ٻه پاڪستاني بالر پڻ شامل آهن.
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌونيءَ جي قيادت ۾ 2011 ۾ ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 9 ميچن ۾ 21 شڪار ڪندي ظهير خان ڀارت کي ورلڊ چيمپيئن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
هاڻي هن پنهنجي ٽاپ پنج بالرن جو نالا ٻڌايا آهن، سندس فهرست ۾ جسپريت بمرا جو نالو شامل ناهي، جنهن سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
ظهير خان جي ٽاپ پنج بالرن واري فهرست ۾ اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم، وقار يونس، اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر گلين ميڪرا، سريلنڪا جي چمندا واس ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڊيل اسٽين جو ذڪر ڪيو.
هڪ پروگرام دوران ظهير خان چيو ته ”منهنجي ڀرپاسي ڪيئي عالمي بالر رهيا جيڪي يقينن ميچ بدلائڻ جي صلاحيت رکن پيا، واضح طور تي وسيم اڪرم انهن مان هڪ آهي، جيڪو ون ڊي فارميٽ جو بادشاهه هو، هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ جو هو عظيم بالر هو.“
ياد رهي ته سوئنگ جي سلطان طور شهرت ماڻيندڙ وسيم اڪرم پاڪستان لاءِ 356 ميچن ۾ 502 وڪيٽون ورتيون، هو ون ڊي جي تاريخ ۾ 500 شڪار مڪمل ڪندڙ پهريون بالر هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.