روڊ حادثن تي سنڌ ۽ پنجاب حڪومت آمهون سامهون، هڪٻئي تي الزام لڳائڻ لڳا!
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيوهڻ واري حادثي تي پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري جي بيان تي ردعمل ڏيندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پنجاب جي وزير سيوهڻ حادثي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته عظميٰ بخاري کي حقيقتن جو پتو ناهي، هوءَ جنهن روڊ جو ذڪر ڪري رهي آهي، اهو نيشل هاءِ وي آهي ۽ اِها ن ليگ جي وفاقي حڪومت جي نااهلي آهي، جيڪا اڃا تائين ان روڊ کي مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
شرجيل ميمڻ عظميٰ بخاري کي مخاطب ڪندي چيو ته بيان ڏيڻ کان اڳ کيس سوچڻ گهرجي ته جواب به ملندو.
ٻئي پاسي، پنجاب جي وزير عظميٰ بخاري شرجيل ميمڻ جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو ته جڏهن کين آئينو ڏيکاريو ويو ته هو ڪاوڙجي ويا.
هن چيو ته صوبائي ڪارڊ کيڏڻ اوهان جي پراڻي عادت آهي ۽ سنڌ ۾ سڀئي وڏا پروجيڪٽ وفاق جي مدد سان جاري آهن.
هن الزام هنيو ته مسلسل شرپسندي اوهان ۽ اوهان جي ماڻهن پاران ڪئي وڃي ٿي.
عظميٰ بخاري چيو ته سنڌ ۾ اسڪولن ۽ ٽرانسپورٽ جي کوٽ جهڙن مسئلن جي حل لاءِ ماڻهن پاران سالن کان آواز اُٿي رهيو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي حڪومت جي 16 سال جي ڪارڪردگي ۽ مريم نواز جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي ڀيٽ ڪرڻ چاهين ته ڪري سگهن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪا پارٽي 16 سالن کان ڪراچي جو گند صاف نه ڪري سگهي، اها اسان ڀاشڻ نه ڏئي ۽ جيڪڏهن صفائي ۽ خوبصورت رستن ڏسڻ جو شوق آهي ته لاهور جو چڪر لڳايو.
Prev Post
You might also like