اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ درخواست ڏيندڙ سمورن ڀارتي صحافين جون ويزائون جاري ڪري ڇڏيون.
ذريعن موجب، ڀارت مان ست صحافين چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان جي ويزا لاءِ رابطو ڪيو هو ۽ سمورن ڀارتي صحافين کي پاڪستان جي ويزا جاري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪنهن به صحافي جي ويزا رد ناهي ڪئي وئي.
واضح رهي ته پاڪستان جي ميزباني هيٺ چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان شروع ٿي رهي آهي.
ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جو دنگل 23 فيبروري تي دبئي ۾ ٿيندو.
You might also like